سرفراز وسطڙو

سرفراز وسطڙو

سرفراز وسطڙو

سرفراز وسطڙو: نوجوان صحافي ۽ ليکڪ سرفراز وسطڙي، 18 فبروريءَ 1972ع تي نوشهري فيروز ضلعي جي ڳوٺ مچر ۾ عبدالحڪيم سطڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. 1981ع ۾ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوشهري فيروز گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. ڊگري ڪاليج نوشهري فيروز مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن سوشالاجيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. 1994ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي آرگنائيز ۽ ترجمان ٿيو. صحافت جي شروعات به ساڳئي سال 1994ع کان روزاني ’سنڌو‘ ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪيائين، گذريل 14 سالن کان روزاني ’عبرت‘ ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي سندس مختلف اخبارن ۽ عبرت مئگزن ۾ ڪيترا مضمون، فيچر ۽ اسٽوريون ڇپيون آهن. هن پوليو خلاف جاڳرتا مهم، منڇر ڍنڍ جي مسئلن، سنڌ يونيورسٽيءَ، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز يونيورسٽي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشوري، بيورو آف ڪريڪيوليم ۽ ايڪسٽينشن ونگ ڄامشوري ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري جي خاص موقعن تي روزاني عبرت جا خاص شمارا ترتيب ڏنا اٿس. ايڊز بابت فيچر تي کيس صحت کاتي طرفان اوارڊ (4-2003ع)، پرنٽ ميڊيا لاءِ ثقافت کاتي پاران لطيف اوارڊ (2006ع) مليا. هو حيدرآباد پريس ڪلب جي گورننگ باڊيءَ ۾ 2006-2007ع ۾ ميمبر ۽ سنڌ صحافي سنگت جو 2006ع ۾ مرڪزي صدر رهيو. ان دوران حيدرآباد ۾ صحافين جو وڏو ڪنوينشن ڪوٺايائين. هن بينظير ڀٽو شهيد جي انٽرويو ڪرڻ لاءِ 2007ع ۾ دبئيءَ جو دورو به ڪيو. هن اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد ۽ پشاور ۾ غير سرڪاري تنظيمن: آءِ. يو. سي. اين، شرڪت گاهه ۽ پي. پي. ايف جي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڻ شرڪت ڪئي آهي. هن وقت روزاني عبرت سان لاڳاپيل آهي. سرفراز وسطڙي 5 جون 2015 تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.02.18  عيسوي

نوجوان صحافي ۽ ليکڪ سرفراز وسطڙي، 18 فبروريءَ 1972ع تي نوشهري فيروز ضلعي جي ڳوٺ مچر ۾ عبدالحميد وسطڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2015.06.05  عيسوي

سرفراز وسطڙي 5 جون 2015 تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خٽڪ عبدالجبار
ارشد شريف
قاضي اسد عابد
در محمد ڪمال
عبدالرحمان قاضي1
صديقي الهورايو طارق
اعجاز منگي
مولا بخش ڀٽو
اسلم اڪبر قاضي
اعظم ڀٽي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون